زاريات سورة

زاريات سورة: قرآن مجيد جي هيءَ ايڪونجانهين سورة آهي، هن سورة ۾ ٽي رڪوع ۽ سٺ آيتون آهن. هيءَ سورة مڪي شريف ۾ نازل ٿي. ’زاريات‘ انهن هوائن کي چيو وڃي ٿو، جيڪي ٻجن کي اڏائي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائينديون آهن. هن سورة جي شروع ۾ اها ڳالهه ٻڌائي وئي آهي ته حق جي ڦهلاءَ کي مخالف هوائون روڪي نه ٿيون سگهن. هن سورة جو گھڻو حصو آخرت جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته نبين سڳورن جي حق جي دعوت کي نه مڃڻ ۽ پنهنجن فاسد نظرين تي چهٽيو رهڻ، خود سندن تباهيءَ جو ڪارڻ آهي.
سورة زاريات جي آخر ۾ توحيد جي دعوت ڏيندي چيل آهي ته توهان جي رب توهان کي ٻين جي بندگيءَ لاءِ نه پر پنهنجي بندگيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ اهو ئي اڪيلو توهان جو رازق آهي. انهيءَ ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ماڻهو پنهنجن نبين جو مقابلو ڪنهن معقول بنياد ۽ حق تي نه ٿا ڪن، بـلـڪـه پـنـهنجي اجائي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ جي بنياد تي ڪن ٿا. گڏوگڏ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي فرمايو ويو آهي ته اوهان انهن جاهلن ڏانهن ڌيان نه ڏيو، پنهنجي حق جي دعوت کي جاري رکو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو